لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ ڀارت جي اسٽار ڪرڪيٽرن کي ايندڙ سال گڏجي ايڪشن ۾ آڻڻ جون تياري ڪيون پيون وڃن. فوبرز ميڊيا موجب ايندڙ سال ايفرو ايشيا ڪرڪيٽ ڪپ ڪرائڻ جي تجويز غور هيٺ آهي، جنهن ۾ آفريڪا اليون ۽ ايشيا اليون وچ ۾ مقابلا شيڊيو ڪري سگهجن ٿا. هنن مقابلن ۾ شاهين شاهه آفريدي، محمد رضوان، بابراعظم، روهت شرما ۽ ويرات ڪوهلي کي هڪ ئي ٽيم جو حصو بڻائڻ جي تجويز غور هيٺ آهي. پي سي بي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايفرو ايشيا ڪپ جي حوالي سان ڪابه تجويز يا پلان اسان جي اڳيان ناهي آيو پر ان حوالي سان ميڊيا تي خبرون گردش ڪري رهيون آهن.