پاڪ-ڀارت ميچ روايتي مقابلن جيان هوندي: ويرات ڪوهلي

0
323

دبئي(اسپورٽس نيوز) سڄي دنيا جون ٽي-20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ-ڀارت جي 24 آڪٽوبر واري دنگل تي نظرون آهن،

ڪرڪيٽ سان واڳيل حلقن جو چوڻ آهي ته پاڪ-ڀارت ميچ ورلڊ ڪپ جي سڀني ميچز کان وڌيڪ ڏٺي ويندي ۽ ان تي سڀ کان وڌيڪ رد عمل به ايندو،

ان حوالي سان جڏهن ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي کان سوال ڪيو ويو ته اوهان پاڪ-ڀارت ميچ جي حوالي سان ڇا چوندو؟، ڇا اُن مقابلي کي مختلف نظر سان ڏسو ٿا؟، جنهن تي ويرات ڪوهلي چيو ته پاڪ-ڀارت ميچ روايتي مقابلن جيان هوندي،

مان ڪڏهن به پاڪستان خلاف ميچ ۾ پريشر ناهي ورتو، سدائين روايتي مقابلو سمجهندو آهيان.