جنرل عاصم منير پاڪ فوج جي 17ھين سربراھ جي ڪمان سنڀالي ورتي

0
372

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) جنرل عاصم منير پاڪ فوج جي 17ھين سربراھ جي ڪمان سنڀالي ورتي آھي

پاڪ فوج ۾ ڪمان جي تبديلي جي تقريب جي ايڇ ڪيو ۾ جاري آھي، رٽائرڊ ٿيندڙ جنرل قمر جاويد باجوا ۽ نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير پھرين شھيدن جي يادگار تي حاضري ڏني، جتي شھيدن جي يادگار تي گل چاڙھيا ۽ شھيدن جي مغفرت لاءِ دعا گھري

جي ايڇ ڪيو ۾ منعقد ٿيندڙ تقريب ۾ رٽائرڊ ٿيندڙ آرمي چيف جنرل قمرجاويد باجوا آرمي ڪمان جي علامت سمجھي ويندڙ ملاڪا اسٽڪ اعزازي شمشير يافتا جنرل سيد عاصم منير جي حوالي ڪئي ۽ جنرل عاصم منير ان ڇڙي کي ھٿ ۾ کڻندي پاڪستان آرمي جي ڪمانڊ سنڀاليندڙ 17 ھون آرمي چيف ٿي ويو آھي

آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪيريئر تي ھڪ نظر!

PAMIR TIMES ® on Twitter: "Lt. General Asim Munir, former commander of FCNA #Gilgit, appointed as the Director General of Pakistan's main intelligence agency, ISI. #AsimMunir #ISI #Pakistan https://t.co/3juWjlDjYu" / Twitter

نئين آرمي چيف لاءِ نامزد ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير منگلا ٽريننگ اسڪول مان پاس آئوٽ ٿيو، فرنٽيئر فورس رجمينٽ مان ڪميشن پاس ڪئي

آرمي چيف جنرل عاصم منير  رٽائرڊ ٿيندڙ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ماتحت برگيڊيئر طور ناردرن ايرياز ۾ فوج جي ڪمان سنڀالي

2017 ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير کي ڊي جي ملٽري انٽيليجنس مقرر ڪيو ويو، آڪٽوبر 2018 ۾ کيس ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو ويو

آءِ ايس آءِ جي مختصر عرصي تائين قيادت بعد جنرل عاصم منير کي ڪور ڪمانڊر گوجرانوالا مقرر ڪيو ويو

Gen Asim Munir takes over as 17th COAS today

ٻن سالن بعد جنرل عاصم منير کي جي ايڇ ڪيو ۾ ڪوارٽر ماسٽر جنرل مقرر ڪيو ويو، جنرل عاصم منير اڄ به ساڳئي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي

ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير پهريون آرمي چيف آھي جنهن آءِ ايس آءِ ۽ ملٽري انٽيليجنس ٻنهي ۾ ڪم ڪيو آهي

عاصم منير پاڪ فوج جو پهريون شمشير يافته آرمي چيف بڻجي ويو آھي

ھي به پڙھندا

پروپئگنڊا ۽ ڪوڙي بيانيي باوجود پاڪ فوج غير سياسي رهڻ واري فيصلي تي ثابت قدم رهندي: آرمي چيف