اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بغاوت ڪيس ۾ گرفتاري بعد شهباز گِل کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ فوج شهباز گِل خلاف ڪيس ۾ شڪايت ناهي ڪئي، فوج جو نظم و ضبط ايترو ڪمزور ناهي ته سياسي لاپرواهه بيان سان متاثر ٿئي، فيصلي ۾ چيو ويو ته شهباز گِل جو بيان لاپرواهي ۽ غيرذميوارڻو هو. فيصلي ۾ چيو ويو ته عدالت آڏو اهڙو ڪو جواز پيش نه ڪيو ويو ته شهباز گل جي ضمانت جي درخواست رد ڪجي.