اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت ۾ ٿيل پروموشن بورڊ پاڪ فوج جي 37 بريگيڊيئرن کي ميجرل جنرل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت ۾ جي ايچ ڪيو ۾ پروموشن بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 37 بريگيڊيئرن کي ميجر جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي، ترقي حاصل ڪندڙ 37 بريگيڊيئرن ۾ ميڊيڪل ڪور جا 12 آفيسر شامل آهن، بريگيڊيئر مان ميجر جنرل جي عهدي تي ترقي حاصل ڪندڙن ۾ شهريار پرويز بٽ، عمر مقبول، محمد عاصم خان، غلام محمد، محمد نديم اشرف، عامر اشفاق ڪياني، محمد امتنان بابر، عبدالسميع، عمر احمد شاهه، محمد شاهد صديق، محمد فرحان يوسف، امير الدين، محمد عرفان خان، نور ولي خان، ڪمال انور چوڌري، سلمان معين، نسيم انور، ملڪ امير محمد خان، عدنان سرور ملڪ، محمد قذافي، محمد نعيم اختر، محمد شهاب اسلم، نديم يوسف، فرخ شهزاد، خرم نثار، افتخار احمد ستي، سيد عادل حسنين، عرفان علي مرزا، محمد رفيق ظفر، محمد وسيم، سهيل امين، نصير احمد، اعجاز غني، ارشد نسيم، نديم احمد رانا، قمر النساءِ چوڌري، شازيه نثار شامل آهن.