لاهور (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي ٽيم 17 سالن کانپوءِ پاڪستان اچي رهي آهي، ان دوري جي معاملن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ پي سي بي ۽ اي سي بي جي ورڪنگ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 7 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ڪابه ميچ راولپنڊي ۾ نه ٿيندي. سيريز جون ميچون لاهور، ڪراچي ۽ ملتان ۾ ٿينديون. جيئن ته نومبر ۽ ڊسمبر ۾ پاڪستان انگلينڊ جي ٽيسٽ سيريز ميچ لاءِ پنڊي اسٽيڊيم کي ميزباني ڏني ويندي. پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٿيندڙ سيريز جي شيڊول تي ٻنهي بورڊن وچ ۾ ڳالهيون آخري مرحلي ۾ داخل آهن، انگلينڊ بورڊ جي منظوري سان ٽي ٽوئنٽي ميچن جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويندو. شروعاتي ڳالهين ۾ ميچن جي سينٽرز کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. امڪان آهي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز 15 سيپٽمبر کان 2 آڪٽوبر تائين کيڏي وڃي.