دبئي(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيسٽ سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب آءِ سي سي ايليٽ پينل آف ميچ ريفريز جو رڪن اينڊي پائڪرافٽ ڊسمبر ۾ پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٿيندي 3 آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چئمپين شپ فڪسچر لاءِ پليئنگ ڪنٽرول ٽيمن جي قيادت ڪندو. سيريز لاءِ 7 امپائرز آهن جن مان ٽي امپائرز آءِ سي سي ايليٽ پينل مان آهن جيڪي پهرين ڊسمبر يا 5 ڊسمبر تي راوپنڊي، 9 کان 13 ڊسمبر ملتان ۽ 17 کان 21 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ ميچز سپروائز ڪندا.