پاڪ آمريڪا ايئراسپيس معاهدو حقيت، خدشا ۽ سوال ؟؟

0
271
پاڪستان-جي-معيشيت،آمريڪا-۽-چين-جو-ڪرد

هنري ڪسنجر آمريڪا جو مشهور سياستدان ۽ دانشور ٿي گذريو  آهي هن هڪ ڀيري چيو هيو ته “ آمريڪا جا جيڪڏهن اوهان دشمن آهيو ته اوهان جي لاءِ چانس  آهي ته اوهان بچي  وڃو پر جيڪڏهن اوهان آمريڪا جا دوست آهيو ته اهو ممڪن ئي ناهي ته توهان بچي سگهو۔”

  محمود شام پنهنجي ڪتاب “آمريڪا ڪيا سوچ رها هي ” ۾ لکيو آهي ته پاڪستان ڀارت بنگلاديش ۽ افغانستان جي ايڊيٽرن کي  آمريڪا جي وزيٽر پروگرام ۾ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ پينٽاگون ۽ ٻين شعبن ۾ بريفنگ ڏيڻ لاءِ گهرايو ويو هو. محمود شام لکي ٿو ته “اسانکي اندازو ٿي ويو هو ته آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجا مقصد حاصل نه ڪري رهيو آهي، آمريڪا  صدر مشرف کي واضح پيغام ڏنو هو ته9/11 واقعي ۾  اسانجي بيعزتي  ٿي آهي هاڻي  هن جنگ ۾ اسان سان گڏ آهيو يا نه ؟”

 مشرف جي دور حڪومت ۾ ڊرون حملا شروع ٿيا جنهن ۾ دهشت گردن سان گڏ ڪيترائي معصوم ماڻهو مارجي ويا پر انهي کي پاڪستان ۾ Collateral Damage چئي نظر انداز  ڪيو ويندو رهيو هو. تاريخي حوالي سان  پاڪستان  ۽ آمريڪا جي فوجي تعلقات جي جائزي  وٺڻ کان پهريان پاڻ ڪجھه ذڪر هن ڪتاب جو ڪندا هلون ته هي ملڪ ڪيئن پيا گڏ گڏ هلن.

“جنگ جو فن” هي ڪتاب هزارين سال اڳ  جنرل سن زو لکيو هو جيڪو اڄ به دنيا جي وڏين فوجي اڪيڊمين ۾ پڙهايو وڃي ٿو. هن بابت مشهور ناولن جي مصنف  جيمس ڪلئول لکيو آهي ته “ جيڪڏهن مان آمريڪا  جو صدر هجان ها ته ان ڪتاب کي لازمي قرار ڏيئي هر آمريڪي جنرل جو ان مان امتحان وٺان ها ۽ جيڪو جنرل ان امتحان ۾ فيل ٿئي ها ان کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيان ها”

اڄ دنيا جو ڪوئي به ملڪ آمريڪا جي فوجي طاقت جي مد مقابل نٿو اچي سگهي پر اهو به هڪ دلچسپ بحث هوندو ته جنگ جي ميدان ۾ وڌيڪ اهميت سپاهي جي آهي يا هٿيار جي؟ آمريڪا وٽ جي بهترين هٿيار آهن ته پاڪستان وٽ بهترين سپاهي موجود آهن. دفاعي معاملن تي نظر رکندڙ بين الاقوامي ادارن  جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ سڀ کان مهانگو آمريڪي فوجي آهي هن تي هڪ سال ۾ هزارين ڊالر خرچ ٿين ٿا ۽ وري دنيا ۾ سڀ کان گهٽ خرچ پاڪستاني ۽ ڀارتي سپاهين تي ٿئي ٿو.

آمريڪي دستاويز ۾ لکيل آهي ته 7 فيبروري 1972ع تي ڀٽي صاحب آمريڪي نمائندي سلز برگر سان آمريڪا سان ويجها فوجي لاگاپا رکڻ جي ڳالھه ڪئي 15 فيبروري 1972ع تي وري ڀٽي سرڪار آمريڪا کي پاڪستان ۾ فوجي اڏا قائم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. (ڏسو ڪتاب آمريڪي دستاويز مرتب روئيداد خان ص 755,768,795,799)

آمريڪا جي خواهش آهي ته افغانستان ۾ القائدا ۽ داعش جهڙن  شدت پسند گروهن سان وڙهڻ لاءِ پاڪستان آمريڪا کي پنهنجي فضائي حدن تائين رسائي ڏئي ڇو ته آمريڪا اهي فضائي حملا پاڪستان جي فضائي اڏن کان سواءِ نٿو ڪري سگهي پر پاڪستان جا فضائي اڏا ڏيڻ يا فضائي حدن تي رسائي ڏيڻ  ايترو آساني سان  ممڪن نه هجي ڇو ته ايئن ڪرڻ سان پاڪستان لاءِ  وڏا مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا. هي ملڪ جيڪو پهريائين  ئي دهشت گردي جهڙي عذاب ۾ رهندي سوين مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ هاڻي وڌيڪ ڪنهن مصيبت ۾ پوڻ جي طاقت نٿو رکي.

 روس ۽ آمريڪا سالن تائين افغانستان ۾ طالبان سان وڙهيا  پر هاڻي جڏهن طالبان 15 آگسٽ 2021ع  تي افغانستان ۾ اقتدار تي قبضو ڪيو  ۽ انهي  کان پوءِ دوها معاهدي  تحت آمريڪي فوج جي مڪمل واپسي  ٿي ته اها سالن  تائين  هلندڙ قيمتي جنگ بنا نتيجي جي هزارين افغاني  ماري ختم ٿي آهي  ته وري انهي جنگ ۾ هاڻي پاڪستان  جو پوڻ ڪنهن خطري کان خالي نه هوندو.

بهرحال  پاڪستان ۽ آمريڪا جو  علائقائي سلامتي ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي تي پاڻ ۾  ڊگھي عرصي کان تعاون رهندو پيو اچي  ۽ ٻنهي پاسن کان حڪومتن جا ٽيڪنوڪريٽس باقاعده مشاورت ۾ مصروف عمل رهندا پيا اچن. آمريڪا جي ذريعن  مطابق هي خبرون به پئي آيون آهن ته  آمريڪي ڪانگريس جا  ميمبر  هڪ ڪلاسيفائيڊ بريفنگ جي تفصيلن کان واقف رهيا هئا. آمريڪا افغانستان سان آپريشن ڪرڻ لاءِ پنهنجي فضائي حدن جي استعمال لاءِ پاڪستان سان هڪ معاهدي جي ويجهو اچي رهيو آهي ۽ وري پاڪستان ۾ حڪومت جي  اپوزيشن پارٽين پڻ سرڪار کان  اهو مطالبو ڪيو هو ته انهن رپورٽن تي وضاحت ڏئي ته پاڪستان آمريڪي فوج کي پنهنجي فضائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي يا نه؟

هن تي  وزير اعظم عمران خان هڪ انٽرويو ۾ واضح طور تي چيو هو ته پاڪستان افغانستان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪارروائي لاءِ ڪنهن به اڏن لاءِ  پنهنجي سرزمين جي استعمال جي “بلڪل” اجازت نه ڏيندو.

پر وري اهو مسئلو  سامهون آيو ته  آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ فضائي حدن جي استعمال جو معاهدو ٿي ويو آهي، جڏهن  ته پاڪستان حڪومت ان جي  ترديد  ڪندي چيو هو  ته اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي ٿي،  سي اين اين  رپورٽ مطابق ته افغانستان ۾ فوجي آپريشن جي لاءِ فضائي حدن جي استعمال تي آمريڪا ۽ پاڪستان معاهدي جي ويجهو  پهتا، آمريڪي صدر جوبائڊن انتظاميا ڪانگريس ميمبرن کي پاڪستان سان ٿيل  معاهدي کان  آگاهه ڪري ڇڏيو آهي،

رپورٽ ۾  چيو ويو هو  ته پاڪستان فضائي حدن جي استعمال جي بدلي ۾ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ امداد جي فراهمي جي گهر ڪئي  آهي ۽ ڀارت سان تعلقات کي معمول  تي آڻڻ جو به زور ڏنو آهي پر پاڪستان جي اطلاعات  واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته افغانستان ۾ ملٽري آپريشن جي لاءِ آمريڪا سان  اهڙو ڪو به  معاهدو ناهي ٿيو، آمريڪا جي افغان معاملي تي پنهنجي سوچ آهي، هن چيو ته پاڪستان جي رياست ۽ آئين کي تسليم نه ڪندڙن خلاف ويڙهه جاري رهندي.

پاڻ ماضي ۾ ڏسنداسين ته آمريڪا ايبٽ آباد ۾ آسامه جي مارڻ واري ڪارروائي ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي پاڪ آمريڪا ايئر اسپيس  معاهدي نه هجڻ  تي عوام ڪيئن يقين ڪري جڏهن ته اسان ماضي ۾آمريڪا جا اتحادي پڻ رهيا آهيون.  پاڪستان سرڪار  کي اهو به ضرور سوچڻ  گهرجي ته جيڪڏهن موجوده وقت ۾  افغانستان ۾ طالبان ۽ داعش جي مسئلي ۾  روس  آمريڪا ڪشيدگي وڌي وئي ته يقينن اهو دنيا جي پٺتي پيل ملڪن ۽ خاص ڪري پاڪستان  جي  لاءِ وڏو نقصانڪار ثابت ٿيندو ۽  دنيا جون رياستون ۽ مشرقي ايشيا جون عرب رياستون به انهي جنگ  جو شڪار ٿي سگهن ٿيون. انهي لاءِ اها وقت جي اهم ضروت آهي ته ترقي پذير ملڪ پاڪستان انهي ايئراسپيس  معاهدي کان پري رهي.

پاڪستان  جي ٿنڪ ٽينڪ سمجهي ٿي ته آمريڪا دنيا جو سپر پاور ملڪ آهي جيڪو سياسي،سماجي، معاشي ۽ دفاعي طور هڪ مضبوط  ملڪ پڻ  آهي ته ان سان  بامقصد ديرپا مفادن ۾ تعلقات قائم  ھجن جيڪي پاڪستان کي ڪنهن ايندڙ  ڏکئي وقت ۾ ڪم اچي  سگهن.

[email protected]