ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس  ٻوڏ متاثرن جي چهرن تي مرڪون وکيري ڇڏيون، 200 متاثرن کي اسٽيڊيم آڻي پاڪستان _انگلينڊ ڪرڪيٽ ميچ ڏيکاري وئي. ڊي آءِ جي سيڪيورٽي اينڊ ايمرجنسي ڊويزن ڊاڪٽر مقصود احمد ميمڻ ۽ پي سي بي جي گڏيل تعاون سان ايس ايس يو جي ڪمانڊوز 200 ٻوڏ متاثرن کي شٽل ۾ نيشنل اسٽيڊيم آندو، ٻوڏ متاثرن کي پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ کيڏي ويندڙ پهرين ڪرڪيٽ ميچ ڏيکاري وئي، ٻوڏ متاثرن اسٽيڊيم ۾ ويهي ڪرڪيٽ ميچ ڏٺي، ايس ايس يو ترجمان موجب متاثرن ۾ لنچ باڪس به ورهايا ويا، ڊي آءِ جي ڊاڪٽر مقصود احمد ميمڻ موجب ٻوڏ متاثر ٻوڏ جي تباهي سبب پنهنجن گھرن کان پري آهن، انهن کي ڪرڪيٽ ميچ ڏيکارڻ جو مقصد خوشي جا ڪجهه لمحا فراهم ڪرڻ آهي، ٻوڏ متاثرن کي ايندڙ ميچون به ڏيکاريون وينديون، جيڪي ٻوڏ متاثر ميچ ڏسڻ چاهين ٿا، اهي 02199244650 تي رابطو ڪن