لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ روٽري ڪلب موهن جي دڙي جي سهڪار سان خانگي تعليمي اداري انڊس اسڪول ۾ “ٻارن جي ذهني صحت ۽ نفسياتي بيمارين” جي عنوان هيٺ ليڪچر پروگرام ڪوٺايو ويو. ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجي چيو ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ آبادي ۾ نفسياتي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن جو ڪل تعداد صرف 270 آهي، جڏهن ته ڪلينڪل سائڪولاجسٽس جو تعداد 500 کان وڌيڪ ناهي. هن وڌيڪ چيو ته ڊپريشن ۽ ٻيا ذهني مونجهارا نه رڳو ٻارن جي تعليمي ۽ سکيا واري عمل ۾ رنڊڪ پيدا ڪن ٿا، پر انهن  جي گهر ڀاتين، دوستن ۽ ٻين عام ماڻهن سان تعلقات ۽ واسطا به متاثر ٿين ٿا. پروگرام ۾ روٽري ڪلب موهن جو دڙو جي ايگزيڪيوٽو سيڪريٽري ڊاڪٽر پرويز پيرزادي ڳالهائيندي چيو ته ٻار تي غير ضروري دٻاءُ وجهڻ سان سندس ذهني صلاحيتون سخت متاثر ٿين ٿيون، ترقي يافته ملڪ ۾ ٻارن کي سندن خواهش ۽ صلاحيتن آڌار موقعا فراهم ڪيا وڃن ٿا. ليڪچر پروگرام روٽري ڪلب جي سيڪريٽري عمر گل، سماجي بلقيس چانڊيو، شبانه منظور سميت اسڪول جي استادن، شاگردن، شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.