پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ جاري، وڌيڪ 66 ماڻهو فوت

0
223
پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 هزار 950 مريض سامهون اچي ويا، مثبت ڪيسز جي شرح 8 ڏهائي 4 سيڪڙو رهي

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4 هزار 950 مريض سامهون اچي ويا، مثبت ڪيسز جي شرح 8 ڏهائي 4 سيڪڙو رهي، جڏهن ته عالمي وبا سبب 66 مريض فوت ٿي ويا، اين سي او سي موجب ڪورونا وبا سبب فوتين جو تعداد 23 هزار 360 ٿي ويو آهي ۽ مجموعي ڪيسز 10 لک 29 هزار 811 تائين پهچي ويو، هن کان علاوه گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ 1321 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جنهن بعد مجموعي طور تي صحتياب ٿيلن جو انگ 9 لک 40 هزار 161 ٿي ويو ۽ فعال ڪيسز جو تعداد 66287 ٿي ويو آهي..