پاڪستان ۾ ڪورونا وبا خطرناڪ حد تائين پهچي وئي، 23 ڄڻا فوت

0
184
پاڪستان ۾ ڪورونا وبا
پاڪستان ۾ ڪورونا وبا خطرناڪ حد تائين پهچي وئي، 23 ڄڻا فوت

پاڪستان ۾ ڪورونا جي وبا جو پکڙجڻ خطرناڪ حد تائين پهچي ويو آهي، اڄ پنجن وبائي صورتحال دوران وبا جو بدترين ڏينهن رهيو، 24 ڪلاڪن دوران 7 هزار 600 مثبت ڪيس سامهون آيا ۽ شرح 13 سيڪڙو تائين پهچي وئي

ڪورونا سبب فوتڳين ۾ به اضافو ٿيو آهي، 24 ڪلاڪن اندر 23 مريض فوت ٿي ويا آهن

ڪراچي ۾ صورتحال سڀ کان وڌيڪ خراب آهي جتي مثبت ڪيسن جي شرح 46.5 سيڪڙو کان وڌي وئي آهي

اسلام آباد ۾ به ڪورونا جو پکڙجڻ ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي ويو آهي ۽ مثبت ڪيسن جي شرح 19 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي

لاهور ۾ اها شرح 18 سيڪڙو، راولپنڊي ۾ 15.5 سيڪڙو ۽ حيدرآباد ۾ 17 سيڪڙو کان وڌيڪ هئي

وبا تي ضابطو نه هجڻ باوجود خلاف ورزين تي ضابطو آڻڻ وارو ڪير به ناهي، حڪومت ايس او پيز تي عملدرآمد جي اعلانن تي ئي زور ڏئي رھي آهي ۽ انتظاميه هٿ تي ھٿ رکي ويٺل نظر اچي رھي آھي

پاڪستان ۾ ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ (covid.gov.pk) موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 59343 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 7678 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر ٿيڻ جي تصديق ٿي ۽ جڏھن ته ڪورنا وبا جي ڪري وڌيڪ  23 ڄڻا حياتيون ويٺا آھن

سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 12.94 سيڪڙو رهي

اين سي او سي موجب ڪورونا سبب فوتين جو انگ 29065  ٿي ويو آهي جڏهن ته متاثرن جو انگ 13 لک 35 هزار 479 تائين پھچي ويو آهي

گذريل 24 ڪلاڪن دوران 814 ڄڻا ڪورونا مان صحتياب ٿي ويا آهن جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ وبا مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 12 لک  66479 ٿي ويو آهي