پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس وگھي وڌيڪ 120 مريض فوت

0
341
پاڪستان ۾ ڪورونا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 120 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، پنجاب ۾ 50 ۽ سنڌ ۾ 20 فوتگيون رپورٽ: گذريل ڏينهن 48 هزار 103 ٽيسٽ ڪيون ويون، وڌيڪ 4 هزار 100نوان مريض سامهون آيا، مثبت ڪيسن جِي شرح تقريبن 8 سيڪڙو رهي، ملتان ۾ سڀ کان وڌيڪ 70 سيڪڙو وينٽي ليٽر استعمال هيٺ، لاهور ۾ 64، گجرانوالا ۾ 62 ۽ پشاور ۾ 46 سيڪڙو وينٽي ليٽرز تي مريض موجود آھن.