پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس وگهي 118 مريضن دم ڏئي ڇڏيو

0
258
پاڪستان ۾ ڪورونا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس وگهي 118 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، فوتين جو انگ 19 هزار ٿي ويو: گذريل ڏينهن 40 هزار 736 ٽيسٽ ڪيا ويا، 3 هزار 785 نوان ڪيس سامهون آيا، ڪورونا ڪيسز جِي شرح 9 سيڪڙو کان به وڌيڪ رهي: حيدرآباد ۾ وڌيڪ 107ڪيس ظاهر، مريضن جو انگ وڌي 16 هزار 112 ٿي ويو: ڊي جي هيلٿ سرورسز رانا صفدر چيو آهي ته ملڪ ۾ استعمال ٿيندڙ ڪورونا وئڪسين تي خدشا درست ناهن، پاڪستان ۾ استعمال ٿيندڙ سمورين وئڪسينز جي سخت جاچ ڪئي وئي آهي.