پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ لاڳيتو واڌ

0
266

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ لاڳيتو واڌ، ڪراچي ۾ مثبت ڪيسز جِي شرح 23 سيڪڙو تائين پهچي وئي، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ شرح تقريبن 13-13 سيڪڙو رڪارڊ، لاهور ۾ ساڍا 5 سيڪڙو ۽ پنجاب ۾ ساڍا چار سيڪڙو رهي، اين سي اوسي موجب، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مثبت ڪيسز جِي شرح ساڍا 8 سيڪڙو کان وڌيڪ رهي، 24 ڪلاڪن دوران 4 هزار 858 شهرين ۾ وائرس جِي تصديق ٿي ۽ 40 مريضن دم ڏنو، جڏھن تھ چين مان ڪورونا وئڪسين جِي هڪ وڌيڪ کيپ پاڪستان پهچي وئي، اين ڊي ايم اي جَي ترجمان موجب ڪين سائنو وئڪسين صحت واري وزارت حوالي ڪئي وئي آهي، ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن کليل وئڪسينيشن سينٽرز جو انگ 12 ٿي ويو، ايڪسپو سينٽر کانسواءِ وڌيڪ 11 سينٽرز به ڪم شروع ڪري ڇڏيو، ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص ۽ ٻين شهرن ۾ وئڪسينيشن سينٽرز تي رش، شهرين ڪورونا ايس او پيز نظر انداز ڪري ڇڏيون.