پاڪستان ۾ ڪورونا جا وار جاري، وڌيڪ 27 مريض زندگي جي جنگ هارائي ويا

0
237
پاڪستان ۾ ڪورونا جا وار جاري، وڌيڪ 27 مريض زندگي جي جنگ هارائي ويا
پاڪستان ۾ ڪورونا جا وار جاري، وڌيڪ 27 مريض زندگي جي جنگ هارائي ويا

ڪراچي (م ڊ) ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾  ڪورونا وائرس ۾مبتلا 27 مريض اجل جو شڪار ٿي ويا، جنهن بعد ڪورونا وگهي فوتين جو مجموعي تعداد 29 هزار 219 ٿي ويو آهي

اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 7 هزار 963 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، وائرس جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 11 ڏهائي 31 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي

اين سي او سي موجب ملڪ ۾ وبا متاثرن جو انگ 14 لک 10 هزار 333 تائين پهچي ويو آهي ۽  13 سئو 75 مريضن جي حالت ڳڻتي جو ڳي آهي

ان کان علاوه گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2062 ماڻهو ڪورونا مان صحتياب ٿي ويا، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ وبا مان صحتياب ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 1276719 ٿي ويو آهي

ھي به پڙھندا

 

ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 8 ماڻهو فوت، هزارين ڪيس ظاهر