پاڪستان ۾ ڪنوارين، پرڻيل عورتن ۽ کدڙن جو پهريون حسن مقابلو: سفينه شاهه سڀ کان خوبصورت ناري

0
323
پاڪستان ۾ ڪنوارين، پرڻيل عورتن ۽ کدڙن جو پهريون حسن مقابلو: سفينه شاهه سڀ کان خوبصورت ناري
پاڪستان ۾ ڪنوارين، پرڻيل عورتن ۽ کدڙن جو پهريون حسن مقابلو: سفينه شاهه سڀ کان خوبصورت ناري

لاهور( شوبز نيوز)  مشهور ماڊل سفينه شاهه کي پاڪستان جي خوبصورت ترين عورت قرار ڏنو ويو، مسز پاڪستا، ٽرانس پاڪستان ۽ ٻين شعبن ۾ به چونڊ ڪئي وئي

لاهور ۾ ٿيل تقريب ۾ مس پاڪستان، مسز پاڪستان، ٽرانس پاڪستان، مس پاڪستان ورلڊ اوورسيز، مس پاڪستان يونيورسل، مس پاڪستان گلوبل، مس پاڪستان سپريم جي چونڊ ڪئي وئي

تقريب ۾ نامياري فلم ڊائريڪٽر  صفدر ملڪ، سميت شوبز ستارن سميت ڪيترن ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ عورتن جي مختلف ڪيٽيگريز ۾ چونڊ جو عمل ڏٺو. سونيا احمد جي سربراهي ۾ قائم جيوري موجب سفينه شاهه کي 2023ع لاءِ مس پاڪستان چونڊيو ويو

مسز پاڪستان جو اعزاز فاطمه فخر حاصل ڪيو، ٽرانس جو ٽائيٽل عليشا ماڻيو. جيوري جي فيصلي موجب مس پاڪستان ورلڊ اوورسيز جو تاج  ميباح ارشد جي مٿي تي سجايو ويو، مس پاڪستان سپريم اوورسيز جو ٽائيٽل سبين کي ڏنو ويو

مس گلوبل پاڪستان جو تاج وردا منيب رائو کي پارايو ويو، تقرب دوران  بيوٽي ڪوئينز جي به چونڊ ڪئي وئي جنهن ۾ اريج چوڌري ۽ ڊاڪٽر شفق اختر کي چونڊيو ويو