پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جا شوقين انگلينڊ ۽ قومي ٽيم وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز ڏسي نه سگهندا

0
315

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جا شوقين انگلينڊ ۽ قومي ٽيم وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز ڏسي نه سگهندا، وفاقي ڪابينا ڪرڪيٽ مئچ ڏيکارڻ لاءِ ڀارتي ڪمپني سان معاهدي واري سرڪاري ٽي وي جي درخواست رد ڪري ڇڏي، سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڀارت جي ڪنهن به ڪمپنيز سان معاهدو نٿو ڪري سگهجي، انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ سان گڏجي وچولو رستو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.