پاڪستان ۾ ڪرپٽو ڪرنسي تي پابندي جي سفارش

0
289
پاڪستان ۾ ڪرپٽو ڪرنسي تي پابندي جي سفارش
پاڪستان ۾ ڪرپٽو ڪرنسي تي پابندي جي سفارش

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪرپٽو ڪرنسي کي ريگيوليٽ ڪرڻ جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾

ڊپٽي گورنر اسٽيٽ بينڪ جي سربراهي ۾ قائم ڪميٽي جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. ڪميٽي پاڪستان ۾ ڪرپٽو ڪرنسي ۽ ان سان لاڳاپيل سرگرمين تي پابندي جي سفارش ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب ڪرپٽو ڪرنسي جي اجازت ڏيڻ سان پرڏيهي ناڻو ۽ غير قانوني پيسو ٻاهر منتقل ٿي سگهي ٿو.

ڪميٽي جي رپورٽ موجب ايف آءِ اي تازو ئي ڪرپٽو ڪرنسي اسڪينڊل پڪڙيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته چين، بنگلاديش، سعودي عرب، مصر، مراڪش، ترڪي سميت 11 ملڪن ڪرپٽو ڪرنسي تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته انهن ملڪن مني لانڊرنگ ۽ پرڏيهي ڪرنسي جي ٻاهر نڪرڻ جي خدشي کي نظر ۾ رکندي پابنديون لاڳو ڪيون آهن. درخواست گذار تسليم ڪري ٿو ته ڪاروبار جي نشاندهي ڪرڻ لاء ڪو به مڪينزم موجود ناهي، واپاري جي سڃاڻپ تڏهن ئي ٿي سگهندي جڏهن ڪرپٽو ٽريڊر کي لائسنس جاري نه ڪيو ويو هجي.