پاڪستان ۾ ڊالر کي پر لڳي ويا ۽ انٽر بينڪ ۾ ڊالر وڌيڪ مهانگو

0
836
ملڪي سياسي صورتحال

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان ۾ ڊالر کي پر لڳي ويا ۽ انٽر بينڪ ۾ ڊالر وڌيڪ مهانگو ٿي ويو.

انٽر بينڪ ۾ 2 رپيا  20 پيسا مهانگو ٿيڻ بعد ڊالر جي قيمت 173 رپيا 20 پيسا تائين پهچي ويو جيڪو پاڪستان جي تاريخ ۾ ڊالر جي سڀ کان وڌيڪ قيمت آهي.

معاشي ماهرين جو چو آهي ته ڊالر جي قيمت ۾ اضافي ۽ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي جو بنيادي سبب اسان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو آهي ۽ ان کان علاوه آءِ ايم ايف طرفان رپئي جي قدر وڌيڪ گهٽ ڪرڻ جو مطالبو به آهي جنهن سان نه صرف ڊالر جي قيمت وڌيڪ وڌندي پر هن سان مهانگائي ۾ به اضافو ٿيندو.