اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ پهريون روزو 14 اپريل تي رکيو ويندو، سائنس ۽ ٽيڪنالوجي وزارت چيو آهي ته رمضان المبارڪ جو چنڊ 13 اپريل تي نظر ايندو، لاهور، ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ 13 اپريل تي واضح طور چنڊ نظر ايندو. سائنس ۽ تيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري پاران پڻ ان سلسلي ۾ ٽوئيٽ بيان جاري ڪيو ويو آهي، هن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ پهريون روزو 14 اپريل تي رکيو ويندو.