پاڪستان ۾ ٺهيل دوائن کان ٻاهران امپورٽ ٿيل سستيون ڇو؟ … سڪندر تنيو

0
124

  اڄ سندم گهر واري جي لاءِ انسولين انجيڪشن خريد ڪرڻ ويس هڪ دڪاندار هڪ انجيڪشن جي قيمت 1230 رپيا ٻڌائي، وري جنهن دڪان تان رام باغ مان دوائون وٺڻ ويندو آهيان تنهن ان جي قيمت 1200 ٻڌائي، ڪنهن دوست چيو هيو ته ان ۾ جيڪا دبئي مان امپورٽ ٿي اچي ٿي سا خريد ڪندو ڪر، دڪاندار کي چيم هن ۾ امپورٽيڊ تو وٽ آهي، چيائين آهي ان جي قيمت 930 رپيا آهي، کيس چيم ڪوئي فرق وزن يا مقدار ۾ ته ناهي چيائين ساڳي شي آهي، کانئس امپورٽ ٿيل ورتم، هڪ انجيڪشن تي ٽي سئو رپين جو فرق ٻڌي وائڙو ٿي ويس، انڊيا ۾ پڻ دوائون سستيون آهن، الله جي مار پوي  حاڪمن کي جيڪي انڊيا سان واپار ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏين، پاڻ کي تڪليف ٿئين ٿي ته لکين روپيا خرچ ڪري دوائون وٺن ٿا کين مهانگائي جي خبر ئي ناهي، متاثر اسان پارو غريب عوام ٿي ويو آهي، جنهن کي مهانگائي ماري وڌو آهي، ڪو ايماندار حاڪم محمد خان جوڻيجي جهڙو وري پيدا ٿي پوي. (فيس بوڪ تان ورتل)