ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ  ڪراچي جي اسڪيم 33 ۾ بنجور هائوسنگ سوسائٽي ۾ قبضي واري ڪيس ۾ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رينجرز، اينٽي انڪروچمينٽ فورس، پوليس ۽ ٻين ادارن جي مدد سان آپريشن ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت اوڀر جي ڊپٽي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تي ڪارروائي جي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، اسڪيم 33 ۾ بنجور هائوسنگ سوسائٽي ۾ قبضي ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سوسائٽي جي زمين اڃا تائين خالي ڇو ناهي ٿي؟  جسٽس سيد حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏيندي چيو ته سوچيو ته ماڻهن ڪيئن پئسا گڏ ڪري پلاٽن لاءِ ڪيئن سيڙپڪاري ڪئي هوندي، انهن غريبن کي قبضو ڪيئن ملندو ؟ عدالت چيو ته  هتي سمورا پرڏيهي ماڻهو اچي رهيا آهن، قبضا مافيا خلاف ڪو  مثال قائم ڪريو، عدالت ۾ ڊپٽي ڪمشنر اوڀر راجا طارق چانڊيو موقف ڏيندي چيو ته اسان آپريشن شروع ڪيو هو، ڪجهه ماڻهن امن امان جو مسئلو پيدا ڪيو، جنھن تي عدالت چيو ته اھو تمام آسان طريقو آهي ته پھرين قبضا ڪيو، پوءِ عورتن ۽ ٻارن کي اڳتي ڪري ڇڏيو، جنھن تي اوڀر جي ڊي سي چيو ته پهرين مرحلي ۾ ڪمرشل اڏاوتون سيل ڪيون ويون آهن، جسٽس سيد حسن اظھر  رضوي چيو ته سيل ڪرڻ سان ڇا ٿيندو؟ پاڪستان ۾ قانون کي ڪير مڃي ٿو؟ هو سيل ٽوڙي ٻيهر ويهي رهندا، جسٽس سيد حسن اظهر رضوي رمارڪس ڏيندي چيو ته اوھان 50 ايف آءِ آرون داخل ڪريو، ڪو فائدو ناهي، اھو ٻڌايو ته ڪيترا ماڻهوَ گرفتار ڪري جيل موڪليا ويا آهن ؟  جنهن تي ڊي سي اوڀر چيو ته اسان رينجرز کان مدد گهري پر اسان کي ڪا به نفري يا مدد نه ملي، جيڪڏهن رينجرز جي مدد ملي ته قبضو ختم ٿي سگهي ٿو، عدالت چيو ته اسان رينجرز کي حڪم ڏنو آهي رينجرز مدد ڇو نٿي ڪري؟ ٻڌڻي دوران عدالت رينجرز جي نمائندي تي به سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوھان ھتي ڊوڙي ڊوڙي آيا آھيو، ساڳئي ريت قبضا ختم ڪرائڻ وڃو ھا ته قبضو ختم ٿي وڃن ھا، جسٽس سيد حسن اظهر رضوي چيو ته پوليس ڇا لاءِ آهي؟ ڇا اها رڳو لٺيون کڻي ويندي آهي؟ اتي رڳو اسٽيٽ ايجنسين جو ڪم هلي رهيو آهي، دڪان ٺهيل آهن، جتي اسٽيٽ ايجنٽ ويٺا آهن، بنجور  عدالت ڊي سي اوڀر کي  کي سوسائٽي مان قبضا خالي ڪرائي 6 ڊسمبر تي  رپورٽ طلب ڪئي آهي.