لاهور (م ڊ)عالمي بينڪ پاڪستان جي رياستي انتظام هيٺ هلندڙ ڪاروباري ادارن کي ڏکڻ ايشيا ۾ بد ترين ادارا قرار ڏئي ڇڏيو آهي. انهن ادارن جو خسارو اثاثن جي ماليت کان به وڌيڪ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ عوامي وسيلن ۾ نقصان ۽ خطرا وڌي رهيا آهن. سرڪاري ڪمپنيون وجود برقرار رکڻ لاءِ عوامي فنڊز مان 458 ارب رپيا ساليانو ڳهي رهيون آهن. اهڙي صورتحال ۾ عالمي بينڪ پاڪستان تي زور ڏنو آهي ته ان رجحان کي تبديل ڪرڻ لاءِ مضبوط سڌارا آندا وڃن ڇو جو خساري جي ڪري وفاقي حڪومت کي مالي مشڪلاتون درپيش آهن. اهي ادارا 2016ع کان جي ڊي پي جي 0.5 سيڪڙو برابر مالي نقصان ڪري رهيا آهن. عالمي بينڪ موجب اهي وفاقي ڪمپنيون ڏکڻ  ايشيا ۾ سڀني کان گهٽ منافعو ڪمائيندڙ ادارن ۾ شامل آهن، لاڳيتو نقصان جي ڪري ايس او ايز جو خسارو 2020 ۾ جي ڊي پي جو 3.1 سيڪڙو ٿي ويو هو. ايس او ايز کي ڏنل ضمانتن کي قرضن جي انبار ۽ حڪومتي قرضن طور سمجهيو ويندو آهي، جنهن ۾ تيزي سان واڌارو ٿي رهيو آهي ۽ اهو 2021ع ۾ جي ڊي پي جو 9.7 سيڪڙو ٿي ويو هو. ورلڊ بينڪ موجب 2021ع ۾ پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن ذريعي نيوڪليئر پاور پلانٽس لاءِ 32 سيڪڙو ادائگي جوڳيون ضمانتون ڏنيون ويون. ضمانتن سانڪل ٻوجهه 44.4 سيڪڙو ٿيو جڏهن ته ڪيش ڊولپمينٽ لونز ۽ پرڏيهي قرض ترتيب وار 36 سيڪڙو ۽ 19.6 سيڪڙو رهيا. ايس او ايز لاءِ حڪومتي ضمانتن ۾ 2016ع جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ تي اضافو ٿيو. 75 سيڪڙو کان وڌيڪ توانائي شعبي کي گردشي قرضن تي مالي فراهمي لاءِ ڏنل ضمانتون آهن.