لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ صحتمند جيرو جي عنوان سان هڪ ئي وقت سمپوزيم، سيمينار ۽ ورڪشاپ ڪوٺايو ويو. جنهن ۾ ملڪ جي ٻين ميڊيڪل جي ادارن مان طب سان واسطو رکندڙ پوسٽ گريجوئيٽ ڊاڪٽرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ کان آيل ماھر ڊاڪٽرن جيري جي وڌندڙ بيمارين جي حوالي سان تحقيقي مقالا پيش ڪيا ۽ ماھرن آن لائن سکيا ڏني. سيمينار ۽ ورڪشاپ ۾ ڳالهائيندي پروفيسر جاويد اقبال فاروقي چيو ته پاڪستان ۾ جيري جون بيماريون خطرناڪ حد تائين وڌي رهيون آھن. پروفيسر ڊاڪٽر علي حيدر چيو ته ڪاري ڪامڻ جو مک سبب گندو پاڻي، عطائي ڊاڪٽر ۽ صحت جي اصولن تي عمل نه ڪندڙ حجم ۽ ٻيا ڪيترا سبب آهن تنهن ڪري وقت جي ضرورت آهي ته ان حوالي سان ڀرپور آگاهي مهم هلائي  وڃي. پروفيسر ڊاڪٽر شهزاد رياض چيو ته جڏهن به انسان فطرت جي برعڪس زندگي گذاري آهي ان جا نتيجا نقصانڪار ئي ثابت ٿيا آھن. ماهرن ڳالهائيندي چيو ته جيري جي ڪينسر ۽ جيري جي سڪڙجڻ جو واحد حل جيري جي پيوندڪاري آھي. سمپوزيم ۾ آگاهي ڏني وئي ته گذريل سال جي انگن اکرن مطابق پاڪستان ۾ 80 لک ڪاري ڪامڻ جا مريض موجود آهن ۽ ڏينهون ڏينهن اهو انگ وڌندو پيو وڃي.