پاڪستان ۾ انصاف جو ڪو ادارو موجود ئي ناهي: بلاول ڀٽو زرداري

0
212
پاڪستان ۾ انصاف جو ڪو ادارو موجود ئي ناهي
پاڪستان ۾ انصاف جو ڪو ادارو موجود ئي ناهي: بلاول ڀٽو زرداري

گمبٽ: پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان نٿا مڃون ته ملڪ ۾ ڪو انصاف جو ادارو موجود آهي، ادارن ۾ ويٺل ڪجهه ماڻهو ضد ۾ اچي سياست ڪري رهيا آهن، سياست ڪرڻي آهي ته تياري پڪڙيو، اسان توهان جو سياست ۾ مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، تختِ لاهور ۾ ويهي اُنهن غير جمهوري قوتن کي جواب ڏينداسين

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عدالتن جي ڪري قائد عوام کي ڦاهيءَ تي چاڙهي ويو، اڄ تائين ڪنهن جج شهيد ذوالفقار ڀٽو جو ڪيس ناهي ٻڌو

هن چيو ته بينظير ڀٽو شهيد ٿي ته ڪنهن کي غيرت نه آئي ته اُن کي انصاف ڏيڻ گهرجي

 گمِس اسپتال ۾ ڦڦڙن جي پيوندڪاري واري شعبي جو افتتاح ڪرڻ بعد پ پ چيئرمين چيو ته ملڪ ۾ ڦڦڙن جي پيوندڪاري جو اهو پهريون شعبو هوندو، عوام کي گـُڙدن ۽ جَيري جي علاج لاءِ هاڻي ڀارت نه وڃڻو پوندو، گمس اسپتال معياري علاج ۾ دنيا جي ڪنهن به اسپتال جو مقابلو ڪري سگهي ٿي

هن کي به پڙهندا

وزيراعظم پاران سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف ٺهراءُ آڻڻ جو اعلان

ڪڏهن به عدالت ڪنهن آمر کي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ جي جرئت نه ڪئي: مريم نواز

اسان ڪڏهن ناهي چيو ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجو رستو وٺي پر سول ملٽري تعلق ۾ توازن هجڻ گهرجي: عمران خان