اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۾ عرب امارات جي سفير حمد عبيد الزعابي سنڌي ثقافت جو پرستار نڪتو، هن سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي ايڪتا ڏينهن تي وڊيو پيغام جاري ڪيو. العربيه جي رپورٽ موجب سفير ان لباس ۾ پاڻ به سنڌي لڳي رهيو آهي. هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سنڌ ۾ هڪ گهڻ رنگي ۽ مربوط ثقافت آهي، سنڌي عوام امن پسند ۽ رواداري تي ٻڌل معاشرو جوڙيو آهي. امارات برادر سنڌي ۽ پاڪستاني عوام لاءِ امن ۽ خوشحالي جو خواهان آهي.