پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ آخري ٽي 20ميچ اڄ کيڏي ويندي

0
393

جوهانسبرگ (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ آخري ٽي 20ميچ اڄ کيڏي ويندي، گرين شرٽس سيريز کٽڻ لاءِ پرعزم آهي. ان ڏس ۾ 4 ٽي ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز جي چوٿين ۽ فيصلائتي ميچ اڄ کيڏي ويندي، سيريز ۾ پاڪستان 2-1 جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي، اڄوڪي ميچ پاڪستان کٽيندو ته سيريز پنهنجي نانءُ ڪندو، جيڪڏهن ڏکڻ آفريڪن ٽيم ڪامياب ٿي ته 4 ٽي ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز برابر ٿي ويندي. سيريز جي پهرين ميچ پاڪستان کٽي هئي، ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا هڪطفري مقابلي بعد ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته ٽين ميچ ۾ پاڪستان هڪ وڪيٽ جي نقصان تي ميچ کٽي سيريز ۾ برتري حاصل ڪئي، گذريل ميچ ۾ پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان 197 رنز جي عالمي پارٽنر شپ قائم ڪري نئون رڪارڊ قائم ڪيو هو.