پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ٽيمن وچ ۾ پهرين ون ڊي سيريز 17 سيپٽمبر تي ٿيندي

0
270

راولپنڊي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ٽيمن وچ ۾ پهرين ون ڊي سيريز 17 سيپٽمبر تي ٿيندي، اڄ انٽرا اسڪواڊ ميچز شيڊول آهي. ٻنهي ٽيمن جا رانديگر پنڊي ۾ موجود آهن، جتي ڪالهه انهن خوب پريڪٽس به ڪئي. نيوزيلينڊ 18سالن بعد پاڪستان ۾ گرين شرٽس سان ون ڊي سيريز کيڏڻ لاءِ پهتل آهي، مهمان ٽيم جي ڪپتان چيو آهي ته ڪاميابي لاءِ پرعزم آهيون، بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ شعبن ۾ بهتري لاءِ پريڪٽس جاري رکبي. هوڏانهن بابر اعظم چيو آهي ته پاڪستان جي پچز کان واقف آهيون، مهمان ٽيم کي سولو هدف نه سمجهنداسين،واضح رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ 3 ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز راولپنڊي ۾ ٿيندي، جڏهن ته 5 ٽي ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز 25 سيپٽمبر کان شروع ٿيندي.