راولپنڊي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٻي ون ڊي ميچ اڄ ساڍي 3 وڳي راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي. ان سلسلي ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ 5 ون ڊي ميچ تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ اڄ راولپنڊي جي انٽرنيشنل گرائونڊ تي پاڪستاني وقت موجب منجهند ساڍي 3 وڳي کيڏي ويندي. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ 5 ميچن ٽي ٻڌل ون ڊي سيريز ۾ پاڪستان کي 1-0 جي برتري حاصل آهي. قومي ٽيم نيوزيلينڊ کي پهرين ون ڊي ميچ ۾ 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. جڏهن ته ان کان اڳ 5 ميچن ٽي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز 2-2 ميچن تان برابر رهي هئي هڪ ميچ تيز برسات ۽ ڳڙي سبب ڊرا ٿي وئي هئي.