اسلام آباد (بيورورپورٽ) نائيجر ۾ مقرر پاڪستاني سفير احمد علي سروهي جمهوريا نائيجر جي سيڙپڪاري واري وزير سان ملاقات ڪئي ۽ ٽن ڏينهن تائين ٿيندڙ واپاري نمائش ۽ پروگرام جي ڊرافٽ کي حتمي شڪل ڏني وئي. پاڪستاني سفير احمد علي سروهي سيڙپڪاري جي وزير سان ٿيل ملاقات ۾ نائيجر-پاڪستان ٽريڊنگ فورم بابت پروگرام کي آخري شڪل ڏني وئي،  ملاقات ۾ پروگرامن جو شيڊول به طئي ڪيو ويو. ان موقعي تي ريسيپشن، واپارين ۽ صنعتڪارن جي  وزيرن سان ملاقات بابت غور ويچار ڪيو ويو، اهو پڻ طئي ڪيو ويو ته پاڪستاني واپارين جي جمهوريا نائيجر جي صدر ۽ وزير اعظم سان ملاقات ڪرائي ويندي. نائيجر جي سيڙپڪاري واري وزير ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پروگرام ٽن ڏينهن تائن هلندو، جنهن ۾ واپاري نمائش جو به بندوبست ڪيوويندو، جنهن ۾ مختلف شين جي نمائش ڪئي ويندي، ملاقات ۾ طئي ٿيو ته پاڪستان جي هڪ ڪمپني سان گهٽ ۾ گهٽ نائيجر جي ٽن ڪمپنين جي سربراهن جي ملاقات ڪرائي وڃي.