لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٿيندڙ ٽيسٽ سيريز جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويو آهي. سرينلڪن بورڊ آخرڪار ٽيسٽ سيريز جي تاريخن ۽ وينيوز جو اعلان ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل شيڊول موجب پاڪستان ٽيم 6 جولاءِ تي سريلنڪا پهچندي.  شيڊول موجب پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ هڪ وارم اپ ميچ ۽ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏي ويندي، ٽن ڏيهن واري وارپ اپ ميچ 13 جولائي تائين ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي. سيرير ۾ ٻه ٽيسٽ ميچز کيڏيون وينديو، پهرين ٽيسٽ ميچ سورنهن جولاءِ کان ويهه جولاءِ تائين گال ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٻي ٽيسٽ ميچ24 جولاءِ تائين ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي.