اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان روس کان خام تيل، پيٽرول ۽ ڊيزل امپورٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، روس ۽ پاڪستان وچ ۾ بين الحڪومتي ڪميشن جي اجلاس کان پوءِ ڳالهائيندي توانائي جي مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته روس کان خام تيل جي خريداري ۽ پاڪستان اسٽريم گيس پائيپ لائين بابت اسٽرڪچر کي مارچ ۾ حتمي شڪل ڏني ويندي، اسان مارچ ۾ روس کان خام تيل، پيٽرول ۽ ڊيزل امپورٽ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏينداسين، هن چيو ته في الحال روس وٽ پاڪستان کي ڏيڻ لاءِ ايل اين جي نه آهي، پاڪستان روس کان پنهنجي مجموعي ضرورتن جو 35 سيڪڙو خام تيل خريد ڪرڻ چاهي ٿو، ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ بين الحڪومتي ڪميشن جي اجلاس ۾ موجود روس جي توانائي وزير نڪولي شولگينوف چيو آهي ته ٻنهي ملڪن فيصلو ڪيو آهي ته روس پاڪستان کي مارچ جي آخر تائين خام تيل ايڪسپورٽ ڪندو، هن چيو ته پاڪستان سان خام تيل ۽ پيٽروليم مصنوعات جي فراهمي جو معاهدو مارچ جي آخر تائين مڪمل ڪيو ويندو معاهدي ۾ خام تيل، پيٽروليم مصنوعات جي فراهمي، انشورنس ۽ حجم بابت تفصيل طئي ڪيا ويندا، روسي وزير جو چوڻ هو ته روس جا في الحال ايل اين جي معاهدا ٿي چڪا آهن، پاڪستان کي ايل اين جي لاءِ روسي ڪمپنين سان 2023 جي آخر لاءِ رابطو ڪرڻ گهرجي، روس وٽ اسپاٽ مارڪيٽ ۾ به ايل اين جي محدود آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته توانائي جي خريداري تي پاڪستان دوست ملڪن جي ڪرنسي ۾ ادائگيون ڪندو، جڏهن ته پاڪستان ۽ روس جي بين الحڪومتي ڪميشن جي اجلاس بابت گڏيل پڌرنامو به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن مطابق ٻنهي ملڪن سيڙپڪاري ۽ واپار سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته تيل ۽ گيس جي تجارتي ڏي وٺ لاءِ اهڙو ڍانچو جوڙيو وڃي جنهن سان ٻنهي ملڪن کي فائدو پهچي، پاڪستان اسٽريم گيس پائيپ لائين پراجيڪٽ جي جامع اسٽرڪچر بابت غور ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، پڌرائي موجب پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ڪسٽم جي مامرن ۾ تعاون بابت به معاهدو ٿيو آهي، پاڪ روس تجارتي سامان جي ڪسٽمز ويليو تي دستاويزن ۽ ڊيٽا جي ڏي وٺ جي معاهدي تي به صحيح ڪئي وئي آهي، پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ايروناٽيڪل مصنوعات جي فضائي قابليت تي ڪم ڪرڻ جو معاهدو پڻ ٿيو آهي.