پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ روس مان پاڪستان کي گئس فراهمي جي منصوبي تي ڪم ڪرڻ تي اتفاق

0
317
پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ روس مان

ڪراچي: پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ روس مان پاڪستان کي گئس فراهمي جي منصوبي تي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آھي، شنگهائي تعاون تنظيم جِي سربراهي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان وچ ۾ ملاقات ٿي

 ترڪي جي صدر چيو ته روس، قزاقستان ۽ ازبڪستان ۾ گئس پائيپ لائين لاءِ بُنيادي ڍانچو اڳواٽ موجود آهي، ترڪي ايشيا ۾ پاڪستان کي پنهنجو ويجهو ڀائيوار سمجهي ٿو

رجب طيب اردوان جو چوڻ ھو تھ ايشيا ۾ پاڪستان کي پنھنجو ترجيحي شراڪتدار تصور ڪيون ٿا،  ملاقات دوران ٻطرفو واپار وڌائڻ ۽ ڊگهي مُدي وارن منصوبن تي عملدرآمد لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو آھي

ھي به پڙھندا

وزيراعظم شهباز شريف جي روسي صدر ۽ ايراني صدر سان ملاقات