اسلام آباد (م ڊ) آءِ ايم ايف طرفان پاڪستان جي فيصلن تي اطمينان جو اظهار، ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان وچ ۾ ورچوئل ڳالهيون هاڪاري رخ ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن، پهريون ڀيرو سمورا حدف مڪمل ڪرڻ تي آءِ ايم ايف پاڪستان کان ڪو به نئون مطالبو ناهي ڪيو، اسٽيٽ بئنڪ آءِ ايم ايف کي جون تائين پاڪستان کي گهربل 10 ارب ڊالر جِي فنڊنگ کان آگاهه ڪري ڇڏيو، ذريعن چيو ته پاڪستان گهڻو ڊو مور ڪري چڪو، هاڻ اهڙي ڪا به شرط نه آهي جنهن تي عملدرآمد نه ٿيو هُجي، پاڪستان آءِ ايف ايم تي اسٽاف ليول معاهدو جلد کان جلد ڪرڻ تي زور ڀريو آهي.