اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي جي وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ڪڏهن به ادائگين ۾ ڏيوالپڻي جو شڪار نه ٿيو آهي ۽ نه ئي ٿيندو، معيشت بابت غيرذميواراڻا بيان نه ڏنا وڃن،ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي ڏيوالي جو ڪوبه خطرو ناهي، هڪ ارب ڊالرز جي سڪوڪ بانڊز جي ادائگي وقت تي ڪئي ويندي، ناڻي جي وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ملڪ ۾ گهرج پٽاندڙ ٻارڻ جا ذخيرا موجود آهن، پيٽرول ۽ ڊيزل جي کوٽ ناهي، ان حوالي سان به گمراهه ڪندڙ خبرون ڦهلايون پيون وڃن، هن چيو ته  ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي باري ۾ ڪوڙا افواهه هلايا پيا وڃن، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي سٺي نموني مينيج ڪيو پيو وڃي، ناڻي وزير چيو ته ملڪ جي معيشت جي باري ۾ بي بنياد ۽ غير ذميواراڻا افواھه صرف سياسي مقصدن لاءِ ڦهلايا پيا وڃن، اهو رويو معيشت لاءِ انتهائي نقصانڪار آهي، اهو رويو بين الاقوامي معاشي تعلقات ۽ رابطن کي به متاثر ڪري سگهي ٿو، هن چيو ته سڀني پاڪستانين کي گذارش آهي ته اهي سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي سوچين ۽ پاڪستان جي وسيع مفادن کي نظر ۾ رکن.