اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي جي وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان کي چيلنج سامهون آهن پر پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ ڊفالٽ نه ڪندو، چيلنجن باوجود معاشي بهتري لاءِ ڏينهن رات ڪوششون جاري آهن، ايف بي آر ۾ ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي وزير چيو ته بجيٽ جي حوالي سان ايندڙ سمورين تجويزن جي آجيان ڪنداسين، هن چيو ته اسان آءِ ايم ايف سان معاهدي لاءِ اڳواٽ قدم مڪمل ڪري چڪا آهيون.