اسلام آباد (م ڊ) پرپيهي وزير بلاول ڀٽو چيو آهي ته پاڪستان حڪومت کي ڪيترائي چيلنجز درپيش آهن، عالمي برادري مدد ڪري، پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، يو اين سيڪريٽري جنرل ٻوڏن بعد فوري طور پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ دنيا کي امداد جي اپيل ڪئي، آمريڪي تي وي کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو چيو ته يوڪرين جنگ معشيت تي تباهه ڪندڙ اثر پيا، جنهن جا اثر پاڪستان تي به پيا، پاڪستان يوڪرين کان وڏي پيماني تي ڪڻڪ گهرائيند هو، يوڪرين جنگ سبب تيل جي عالمي قيمتن جو اثر پاڪستان تي به پيو، سڀني جو موقف آهي ته يوڪرين جنگ ختم ٿئي، جيئن ماحولياتي تبديلي جهڙن چيلنجز تي ڌيان ڏئي سگهجي. بلاول ڀٽو چيو ته يوڪرين جنگ دوران ان وقت جي پاڪستاني وزيراعظم جي دوري جي غلط تشريح ڪئي وئي، معاملو اهو ناهي ته يوڪرين جنگ ۾ غلطي ڪنهن جي هئي، غلطي ڪهڙي ٿي، يوڪرين جنگ تي ڪنهن جو ڪهڙڙُ موقف آهي، اهو معاملو ناهي، سڀني جي راءِ آهي ته يوڪرين تڪرار ختم ٿيڻ گهرجي، مستحڪم افغانستان خطي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اهم آهي، پرڏيهي وزير چيو ته عمران خان تي ٿيل قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪريون ٿا.