دبئي(اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ پاڪستان هٿان شڪست کانپوءِ ڀارتي ٽيم جو ڪپتان روهت شرما به پاڪستاني ٽيم جي تعريف ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو. پوسٽ ميچ پريزنٽيشن ۾ ڳالهائيندي روهت شرما ٻڌايو ته اسان ميچ دوران ڪافي مطمئن هئاسين، جيئن ته نواز ۽ رضوان وچ ۾ پارٽنرشپ وقت به اسان پراعتماد هئاسين. روهت شرما چيو ته اسان سمجهون پيا ته جيڪڏهن هتي وڪيٽ ملي وڃي ٿي ته صورتحال تبديل ٿي ويندي پر اها پارٽنر شپ ڪجهه وڌيڪ ئي ڊگهي ٿي وئي جنهن سبب ميچ هٿان نڪري وئي. پنهنجي رانديگرن جي تعريف ڪندي روهت شرما چيو ته هي اسان جا باصلاحيت رانديگر آهن، هنن ماضيءَ ۾ به ڀارت لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو آهي پر اهو مڃڻو پوندو ته حريف ٽيم جو به هڪ ڪلاس آهي جنهن جي چئلينج کي اڄ منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته پاڪستان کي ڪريڊٽ ڏيڻو پوندو، هنن پنهنجي حق ۾ ميچ جو فيصلو ڪرڻ لاءِ اسان کان بهتر کيڏيو.