لنڊن(م ڊ) مسلم ليگ نواز لنڊن ۾ اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪري ورتا، مريم نواز جي وطن واپسي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان کي ڏکيائين مان ڪڍنداسين. ن ليگ جي قيادت جو اجلاس نواز شريف جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ مريم نواز، راڻا ثناءُ الله ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ راڻا ثناءُ الله پرويز الاهي جي اعتماد جي ووٽ ۽ ملڪ جي معاشي ۽ سياسي صورتحال تي بريفنگ ڏني. اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي نوازشريف چيو ته هن ملڪ سان گندو مذاق ڪيو ويو آهي. اسان پاڪستان کي ڏکيائين مان ڪڍنداسين. هن چيو ته عمران خان جي چئن سالن جي ڪارڪردگي جي ڀيٽ منهنجي چئن سالن سان ڪئي وڃي. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان 35 تڪن مان چونڊ وڙهي يا وري 70 تڪن مان هن ڀيري هن جو پٽو کولي ڇڏينداسين، وڌيڪ امڪان آهي ته پي ڊي ايم ننڍي چونڊ ۾ حصو نه وٺندي. هن چيو ته ٻن مهينن جي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جو ڪو فائدو نه  ٿيندو. اسان آڪٽوبر ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ حصو وٺنداسين.