اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين لاءِ به روشن پنهنجو گهر اسڪيم شروع، سمنڊ پار پاڪستان ي ڊجيٽل پراسيس ذريعي سيڙپڪاري ڪري سگهندا، اسلام آباد ۾ “روشن پنهنجو گهر” پروگرام جي حوالي سان ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سيڙپڪاري ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ ڪرپشن آهي، ڪرپشن فري ماحول جا عادي ماڻهو ڪرپٽ ماحول ۾ ڪم نه ٿا ڪري سگهن، عمران خان چيو ته ماضي ۾ سمنڊ پار پاڪستان کي نظرانداز ڪيو ويو. اسان سيڙپڪاري کي مڪمل تحفظ فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، سمنڊ پار پاڪستاني اسانجو سڀ کان وڏو اثاثو آهن. هن چيو ته “روشن پنهنجو گهر” اسڪيم ملڪي معيشت لاءِ گيم چينجر منصوبو آهي، پرڏيهه ۾ رهندڙ 90 لک پاڪستانين وٽ ملڪ کان ٻاهر پاڪستان جي جي ڊي پي جيترو پيسو پيل آهي، “روشن پنهنجو گهر” اسڪيم تحت اسان تمام گهڻو پيسو پرڏيهه مان پاڪستان آڻي سگهون ٿا، هن وقت پاڪستان کي ڊالرن جي ضرورت آهي، اسان ٽيڪنيڪل، باصلاحيت ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پاڪستانين کي واپس آڻڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهيون ته جيئن انهن جي مهارت مان فائدو حاصل ڪري سگهجي، هن چيو ته جيڪي ملڪ کان ٻاهر ڪمائڻ لاءِ پاڪستاني وڃن ٿا انهن جي هميشه ڪوشش هوندي آهي ته اهي پاڪستان ۾ پنهنجو گهر تعمير ڪرائن، ان حوالي سان به انهن جا وڏا مسئلا آهن، سڀ کان وڏو مسئلو هتي ويٺل قبضا گروپ هوندا آهن،


































