واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي ڊيموڪريٽڪ ڪانگريس ميمبر الهان عمر پاڪستان آءِ ايم ايف ڳالهين جي عمل جي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي آءِ ايم ايف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر جي نالي خط لکي ڇڏيو آهي. الهان عمر به پاڪستان آءِ ايم ايف ڳالهين جي عمل جي حل لاءِ سرگرم ٿي وئي. هن آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ جاري ڳالهين جي عمل جي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي آءِ ايم ايف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر کي خط لکيو جنهن ۾ هن ياد ڏياريو ته پاڪستان ۾ ڪورونا وبا ۽ پوءِ بدترين ٻوڏ ۾ لکين ماڻهو بي گهر ۽ دربدر ٿي ويا ۽ پاڪستاني معيشت عدم استحڪام جو شڪار آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان علائقائي ۽ عالمي اقتصادي نظام ۾ اهميت رکي ٿو ۽ سڄي دنيا ۾ مختلف ملڪن جو اهم معاشي ڀائيوار به آهي اسان سڀ پاڪستان لاءِ جٽادار اقتصادي بحالي جي خواهش رکون ٿا. واضح رهي ته آءِ ايم ايف کان قرض جي بحالي دير جو شڪار آهي، جنهن کان پوءِ موجود قرض پروگرام اڌ ۾ ختم ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن، آءِ ايم ايف جو موجود قرض پروگرام 30 جون 2023ع تي ختم ٿي ويندو.