لنڊن (م ڊ) پاڪستان کي برطانوي ايئر ريڊ لسٽ مان نه ڪڍڻ تي شهرين مايوسي  جو اظهار ڪيو آهي، لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر فيصلي کي اڻبرابري ۽ سواليا نشان قرار ڏئي ڇڏيو، برطانيا 9 اپريل تي پاڪستان سميت 4 ملڪن کي ايئر ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪيو هو، ريڊ لسٽ ۾ شامل ملڪن مان صرف برطانوي شهرين يا ترسڻ جي اجازت مليل شهرين کي اچڻ جي اجازت آهي، انهن کي به 10 ڏينهن هوٽل ۾ ڪورنٽائن ٿيڻو پوندو.