پاڪستان ڊفالٽ ڪرڻ وارو آهي، ايمرجنيس لڳائڻ گهرجي ته جيئن  ڊالر ٻاهر نه وڃي: عمران خان

0
174
منهنجي ۽ جنرل فيض جي

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اڄ ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊالر جو ڪرائسز آيل آهي، ايمرجنسي لڳائڻ گهرجي ته جيئن ڊالر ملڪ کان ٻاهر نه وڃي سگهي

اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي نيشنل ڪائونسل اجلاس کي خطاب دوران عمران خان چيو ته ملڪ تباهي جي ڪناري تي بيٺل آهي ۽ حڪمران ٽهڪ ڏيڻ ۾ پورا آهن

هن چيو ته اسان جي دور ۾ عالمي منڊي ۾ تيل مهانگو هو پر اسان سستو وڪرو ڪيو ۽ هاڻي تيل جا عالمي اگهه گهٽيا آهن پر اسان وٽ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي

هن چيو ته ملڪ ۾ اڄ مهانگائي سبب عوام پريشان آهي، خبر ناهي ته مهانگائي مارچ ڪرڻ وارا اڄ ڪٿي آهن