اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ناڻي وزير اسحاق ڊار چيو آھي ته ملڪ مشڪل حالتن مان ضرور گذري رهيو آھي پر پاڪستان نه ڏيوالو ٿيو آھي نه ئي ٿيندو ، عمران خان کي حڪومت ۾ آڻيندڙ ته اهو به چئي رهيا هئا ته عمران خان ڪجھه مهينا وڌيڪ حڪومت ۾ رهي وڃي ها ته ملڪ ختم ٿي وڃي ها، هر وقت اهو چوڻ ته ملڪ ڏيوالو ٿي چڪو آھي اهو ٺيڪ نه آھي عمران خان ڪريل سياست ڪري ملڪ کي نقصان پهچائي رهيو آھي. معيشت جي بحالي سولو ڪم نه آهي، عمران خان 19 ڏهائي 3 ارب ڊالرز جو خسارو ڇڏي ويو ،ڪالھه پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي وزير اسحاق ڊار چيو ته عمران خان پاڪستان کي ٻوڙي چڪو هيو، ملڪ تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪو هو، موجوده حڪومت پنهنجي سياست تي رياست کي ترجيح ڏئي حڪومت ۾ اچڻ جو فيصلو ڪيو جيڪو تعريف جوڳو عمل آھي ڇو ته پاڪستان تباهي ڪناري پهچي چڪو هيو، هن چيو ته عمران خان   پنهنجي تباهي ۾ پاڻ ڪري پوي ها پر ان سان پاڪستان به ڪري پوي ها، هن چيو ته هر وقت اهو چوڻ ته پاڪستان ڏيوالو ٿي ويو آھي اهو ٺيڪ نه آھي نه ملڪ ڏيوالو ٿيو آھي نه ئي ٿيندو، اسان مشڪل حالتن مان ضرور گذري رهيا آهيا آھيون. اسحاق ڊار چيو ته عمران خان جي صرف اها سوچ آھي ڪنهن ريت حڪومت تي تنقيد ڪرڻي آھي عمران خان کي آڻيندڙن چيو هيو ته جيڪڏهن هي حڪومت ۾ رهي ها ته ملڪ خطري کان خالي نه هيو ڇو ته ان ته ڪجھه ڪيو ئي نه هو، عمران خان کي آڻيندڙ اهو به چئي رهيا هئا ته پاڪستان ختم ٿي ويندو، ناڻي وزير چيو ته  ماڻهن کي ڏسڻ گهرجي ته عالمي صورتحال ڇا آھي ڇا مهانگائي صرف پاڪستان ۾ ٿي رهي آھي هن چيو ته  ناقص حڪمراني سبب اڄ پاڪستان هن سطح تي پهتو آھي هن چيو ته ملڪ ۾ مجموعي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 9.26 ارب ڊالر آھن جن ۾ اسٽيٽ بينڪ وٽ 3.2 ارب ڊالر،ڪمرشل بينڪن 5.44 ڊالر شامل آھن، چين دوستي جو ثبوت ڏنو آھي، اسان 6.5 ارب ڊالرن جي پرڏيهي ادائگي ڪئي آھي جن ۾ ٻه ارب چيني بينڪن ۽ ساڍا ٽي ارب عالمي بينڪن کي ڏنا ويا آھن، هن عمران خان جي حڪومت مٿان تنقيد ڪندي چيو ته ڪنهن ملڪ اندر مانيٽري پاليسي کي ڌار ڪيو؟ قانون ۾ تبديليون ڪيون ۽ ادارن ۾ تبديلي ڪري نئون سسٽم ٺاهيو؟ هن وقت هڪ طرف آءِ ايم ايف جو معاشي جائزو هلي رهيو آھي ٻئي طرف اوهان ٽوئيٽ ڪري رهيا آھيو، ٽوئيٽس سان پاڪستان کي نقصان ٿئي ٿو، ڏيوالو ٿيڻ جون ڳالهيون ڪرڻ بند ڪيون وڃن، هن مفتاح اسماعيل ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته  جيڪي ٽي وي تي ويهي چون ٿا ته معاشي پاليسي نه آھي معاشي پاليسي به آھي ته روڊ ميپ به آھي ان جو اخبارن ۾ اشتهار نه ڏنو ويندو،  هن چيو ته عمران خان گهٽيا سياست ڪري ملڪ کي نقصان پهچائي رهيو آھي اهو حقيقت کان هٽي ڪري ڳالهيون ڪري ٿو جن جو اسٽاڪ ايڪسچينج تي اثر پوي ٿو.