اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر  ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي تمغو 2022ع جي نالي سان نئون تمغو قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، صدر نئون تمغو قائم ڪرڻ جي منظوري اعزازات ايڪٽ 1975 تحت ڏني آهي، پاڪستان ڊائمنڊ جوبلي تمغو 2022ع فوج، سول فورسز ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي ماڻهن کي پاڪستان جي جاگرافيائي ۽ سياسي حدن جي دفاع ۾ خدمتن ۽ قربانين جي اعتراف ۾ ڏنو ويندو، اهو تمغو عسڪريت پسندي ۽ دهشتگردي جي خاتمي ۽ اندروني ۽ ٻاهرين طور تي امن جي قيام جي لاءِ خدمتن ۽ قربانين جي اعتراف ۾ ڏنو ويندو،  اهو تمغو پاڪستان قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه، 14  آگسٽ 2022ع کان نافذ العمل هوندو.