جوهانسبرگ(اسپورٽس نيوز) پاڪستان پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. جوهانسبرگ ۾ کيڏيل پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ميزبان ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي پهريان کيڏندي مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 188 رنز ٺاهيون، مرڪرام 51، ڪپتان هينرچ ڪلاسين 50 ۽ بلجون 31 رنز ٺاهي نمايان رهيا. پاڪستان طرفان محمد نواز ۽ حسن علي 2-2 رانديگر آئوٽ ڪيا، جڏهن ته شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. جواب ۾ پاڪستان 189 رنز جو هدف آخري اوور جي پنجين بال تي پورو ڪيو، محمد حفيظ 100 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچ کيڏندڙ ٻيون پاڪستاني ڪرڪيٽر بڻجي ويو.