ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽن ميچن تي ٻڌل ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل ڪري ورتي.  پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ خلاف ون ڊي سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. نيوزيلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 255 رنز ٺاهيون. نيوزيلينڊ طرفان مائيڪل بريسويل 43 ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر ٽام ليٿم 42 رنز ٺاهي نمايان رهيا. گلين فلپس 37، ڊيرل مچل 36، فن ايلن 29 ۽ ڪين وليم سن 26 رنز ٺاهيون. پاڪستان طرفان نسيم شاهه 10 اوورن ۾ 57 رنز ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون. اسامه مير 2، محمد وسيم ۽ محمد نواز هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. پاڪستان 48.1 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري ورتو. پاڪستان طرفان فخر زمان 56، بابراعظم 66، حارث سهيل 32 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا. جڏهن ته محمد رضوان 77 رنز جي ناقابل شڪست اننگ کيڏي. نيوزيلينڊ طرفان مچل بريس ويل 2 وڪيٽون ورتيون، گلين فلپس ۽ ٽم سائوٿي هڪ هڪ رانديگر کي پويلين جي راهه ڏيکاري.