ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سيف گيمز لاءِ پنهنجي فٽبال ٽيم ڀارت اماڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڏکڻ ايشيا جي ڇهن ملڪن کانسواءِ لبنان ۽ ڪويت جون ٽيمون به مقابلن ۾ حصو وٺنديون. آل انڊيا فٽبال فيڊريشن جي سيڪريٽري جنرل شاجي پرڀاڪرن چيو ته پاڪستان جي رانديگرن جي آمد ۽ ايونٽ ۾ شرڪت تي اسان کي ڪا پريشاني نظر نه ٿي اچي. پاڪستان جي رانديگرن کي ويزائون ملي وينديون. فيفا جي پابندي سبب سري لنڪا جي ٽيم ايونٽ ۾ شرڪت نه ڪندي جڏهن ته ڀارت، نيپال، ڀوٽان، بنگلاديش ۽ مالديپ جون ٽيمون حصو وٺنديون.