واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا پاڪستان طرفان ايف اي ٽي ايف جا نقطا پورا ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان جي فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس جي نقطن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان 27 مان 26 نقطن تي عمل ڪيو آهي، اسان پاڪستان جي حوصلا افزائي ڪريون ٿا ته عالمي دنيا سان گڏجي جلد رهيل نقطا به مڪمل ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي مالي مدد کي روڪڻ لاءِ قدم کڻي ۽ ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلان تي تيزي سان عمل ڪري، ايران، پاڪستان سميت افغانستان جي سڀني پاڙيسري ملڪن کي امن لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو آهي.